
مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي جو اظهار
ڪراچي سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان برٽش هاءِ ڪمشن جي هڪ وفد، جنهن جي اڳواڻي هيڊ آف ڊولپمينٽ مس جوموئر (Ms Jo Moir) ڪري رهي هئي، علي هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناصر حسين شاهه وفد کي ٻڌايو ته ڊولپمينٽ، زرعي شعبي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا منافعي بخش موقعا موجود آهن. سنڌ صوبي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري لاءِ انتهائي پرڪشش شعبا موجود آهن. هتي ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪار بغير ڪنهن خوف يا خدشي جي سيڙپڪاري ۾ مصروف آهن، جنهن جي وڏي وجهه چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن ۽ سنڌ سرڪار جي سيڙپڪاري دوست پاليسي، سيڙپڪارن کي حڪومت پاران ڏنل خاص رعايتون ۽ سيڪيورٽي آهي.
وفد چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ حڪومت جي سيڙپڪاري دوست پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سيڙپڪار، چاهي ملڪي هجي يا غير ملڪي، هميشه سيڪيورٽي ۽ منافعي واري سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندو آهي، ۽ سنڌ حڪومت پاران ڏنل سهولتن جي ڪري ئي غير ملڪي سيڙپڪار سنڌ ۾ بنا ڪنهن هٻڪ جي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. وفد سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري کاتي جي عوامي ڀلائي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ورتل قدمن جي ساراهه ڪئي.
ناصر شاهه چيو ته جيڪڏهن برٽش سيڙپڪار ڊولپمينٽ، زرعي ۽ توانائي شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿا ته سنڌ سرڪار انهن کي هر ممڪن سهڪار ۽ سهولتون فراهم ڪندي. وفد ۾ سينئر سياسي مشير ۽ برٽش ڊپٽي هاءِ ڪمشن ڪراچي جي سيڪنڊ سيڪريٽري نوام روزنبم (Noam Rosenbaum) به شامل هئا. ان موقعي تي ناصر شاهه وفد جي ميمبرن کي سنڌ جا روايتي تحفا پيش ڪيا.