اکتوبر 14, 2025

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درياءِ سنڌ ۾ امڪاني سيلابي صورتحال جي پيشِ نظر مقرر ڪيل وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ کين هدايت ڏني ته درياءِ سنڌ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن جي بندن ۽ وهڪرن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. وزيراعلیٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير کي آبپاشي واري وزير جام خان شورو دريائي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گڊو بيارج تي اڄ منجهند جو 12 وڳي اپ اسٽريم پاڻي جو وهڪرو 383299 ۽ ڊائون اسٽريم 350943 ڪيوسڪس رهيو. سکر بيارج تي اپ اسٽريم 313000 ۽ ڊائون اسٽريم 259050 ڪيوسڪس، جڏهن⁠ته ڪوٽڙي بيارج تي اپ اسٽريم 264131 ۽ ڊائون اسٽريم 233216 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيو. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته بيراجز جي موجوده صورتحال قابو ۾ آهي ۽ سڀئي حفاظتي قدم مڪمل ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي هدايت ڏني ته هو ميدان ۾ مڪمل طور سرگرم رهن جڏهن⁠ته وزير سڀني قدمن جي سڌي سنئين نگراني ڪندا رهن. وزيرن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته بيراجز ۽ بندن جي مسلسل نگراني ٿي رهي آهي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ وزير درياءَ وٽ موجود آهن. وڏي وزير درياءَ جي ڪنارن يا ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو انتظاميه سان مڪمل سهڪار ڪن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ سندن حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے