مئی 7, 2025


ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ سميت ٻين قومن جون زمينو سرمائيدار ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين.
ڇهه ڪئنالن جي نالي تي سنڌو درياء جو پاڻي غير ملڪي ۽ نجي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ سان انڊس ڊيلٽا جي تباهي سان گڏ ڪراچيءَ تي به خطرناڪ اثر پوندا-

عوامي ورڪرز پارٽي ڪراچي
پاڻي جي عالمي ڏينھن تي سنڌو درياھ مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ سميت ٻين قومن جون زمينو سرمائيدار ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران ملڪ گير احتجاجن جي سڏ کي ورجائيندي عوامي ورڪرز پارٽي ڪراچي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي، وڪيلن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن کان اڳ ئي سنڌو درياءَ مرندڙ دريائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. مٿان وري نئين ڪينالن جا منصوبا سنڌوءَ کي تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ انڊس ڊيلٽا جو موت اڃان پڪو ٿيندو، تنهنڪري ان خلاف مزاحمت سنڌ جي رهواسين لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي چڪو آهي.
اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي پاڻي لاءِ اسي سيڪڙو کان مٿي سنڌو درياءَ تي دارومدار رکي ٿي. پاڪستاني رياست پاران درياء جو پاڻي غير ملڪي، نجي ۽ فوجي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ سان انڊس ڊيلٽا جي تباهي سان گڏ ڪراچيءَ تي به خطرناڪ اثر پوندا.

سندن چوڻ هو ته عوامي ورڪرز پارٽي ان حوالي سان سنڌ توري پاڪستان جي ٻين خطن ۾ هلندڙ احتجاجي تحريڪن ۾ سرگرم آهي. جيڪڏهن ڇهه ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته مزاحمت اڃان تيز ڪئي ويندي.


اڳواڻن چيو ته ته هو سمجهن ٿا ته سنڌو درياھ جيڪو سنڌ جي وجود جو ضامن آھي، ۽ ھن ڌرتيءَ جي سموري جيوت، فصلن، گُلن، ٻوٽن، سرسبزيءَ، خوشحالي ۽ خوبصورتيءَ جو پالڻھار آھي، ان تي ڪئنالن جو ٺھڻ ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو.
آخر ۾ ٽيم لطيف آرٽ طرفان درياھ واري معاملي تي ٿيئٽر پيش ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے