اکتوبر 14, 2025

ڪراچي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي ۽ سڀئي ادارا هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهن.
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل جي دوري کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪابينا جا ميمبر، ايم پي ايز ۽ ضلعي انتظاميا سميت پوري مشينري فيلڊ ۾ موجود آهي. ٻوڏ جي صورتحال جي نگراني لاءِ صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ فعال رهندو. هن سيل ۾ سنڌ حڪومت جا ترجمان مصطفيٰ بلوچ، واحد هاليپوٽو ۽ تحسين عابدي سميت ٻيا به عملدار موجود رهندا. ميڊيا جا نمائندا ڪنهن به وقت ڪنٽرول روم سان سڌو سنئون رابطو ڪري معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته هر ٽن ڪلاڪن کانپوءِ باقاعده هينڊ آئوٽ به جاري ڪيو ويندو.
هن چيو ته امڪاني طور تي 16 لک 50 هزار ماڻهو، 1651 ڳوٺ ۽ 167 يونين ڪائونسلز متاثر ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ٻه لک 73 هزار خاندان متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. هن وقت 192 ريسڪيو ٻيڙيون ۽ موبائل هيلٿ يونٽ فعال ڪري ڇڏيا آهن.
سينيئر وزير موجب ، ٻوڏ واري صورتحال کي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير پاڻ مانيٽر ڪري رهيا آهن. ضلعي انتظاميا مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ امڪاني طور تي متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اڪثر ماڻهو روايت موجب ڪچي جي علائقن مان پاڻ ئي نڪري ويندا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن پر اڪثر ماڻهو پنهنجن مائٽن وٽ وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن چيو ته جانورن لاءِ به 300 ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت هر ٽن ڪلاڪن کانپوءِ صورتحال بابت اپڊيٽ فراهم ڪندي رھندي، جڏهن ته پنجاب حڪومت به ٻوڏ واري صورتحال ۾ مدد لاءِ ڪٽس فراهم ڪري رهي آهي. پاڻي جي صورتحال جي مسلسل نگراني جاري آهي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ نه پئسن جي کوٽ آهي ۽ نه ئي هن وقت ڪا ايمرجنسي واري صورتحال آهي، تنهن هوندي به حڪومت هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
هن ميڊيا کان اپيل ڪئي ته افواھن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ صحيح معلومات لاءِ سڌو سنئون ڪنٽرول روم سان رابطو ڪيو وڃي.
ان موقعي تي سنڌ حڪومت جو ترجمان مصطفيٰ عبدالله بلوچ، سيڪريٽري ماحوليات زبير چنو، پي ڊي ايم اي جو ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه به سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ هئا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے